جهنجهوٽي (راڳڻي)

جهنجهوٽي (راڳڻي): جهنجهوٽي، کماچ ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي، ٻئي گنڌارون ۽ ٻئي نکادون لڳائجن ٿيون. مندرستان جي پنچم کان مڌ مستان جي راکب تائين مينڍ هن راڳ جي خاص تان آهي. هن جي خاص تان،سا، ري، ماگي ري سا، نا، ڌي پا، ڌي سا، ري ماگي، ما گي ري سا، آهي. هن جي آروهي ڌي سا ري ماگي، ماپا ڌي ني سا آهي ۽ امروهيءَ سا نا ڌي پا ماگي ري سا آهي. جڏهن ته وادي سُر گنڌار ۽ سموادي سُر ڌيوت اٿس. راڳ ساگر جي مصنف وادي سُر رکب ۽ سموادي سُر ڌيوت لکيو آهي. هيءَ راڳڻي رات جي وقت ڳائي ويندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو